عبدالستارآڪاش ٽکڙائي

عبدالستارآڪاش ٽکڙائي

عبدالستارآڪاش ٽکڙائي

عبدالستار ’آڪاش‘ ٽکڙائي: نئين ٽهيءَ جو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس عبدالستار ٽکڙائي، 02 ڊسمبر 1978ع تي ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه، ٽکڙ، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ حفيظ الله ڳنڀير جي گهر ۾ جنم ورتو. سـنـدس تـعليـم ايـم. اي (ســنڌي) ۽ ايم. بي. اي آنرس اٿس. هي 2002ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پوليس کاتي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿيو. هن لکڻ جو آغاز 1998ع ۾ صحبت جي اثر ۽ ادبي ڪتابن پڙهڻ سبب ڪيو. عبرت مئگزين، ڪاوش مئگزين ۽ سنڌوءَ ۾ سندس شاعري، مضمون، ڪهاڻيون، افسانا ۽ ڊراما ڇپجندا رهيا آهن. شاعريءَ ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، ڪافي، هائيڪو، ٽيڙو ۽ وائيءَ جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس.سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتابچنڊ بنا آڪاش اڌورو’ ۽ ‘توکي ياد ايندس مان’ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو